مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

اختر بلوچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اختر بلوچ وَن يونٽ مخالف تحريڪ ۾ جيل ياترا ڪندڙ پھرين نوجوان عورت ھئي. سندس اصل نالو زرين اختر آھي. پاڻ سنڌ جي ناليواري فنڪاره زرينہ بلوچ جي نياڻي ۽ مشھور سياستدان غلام قادر پليجي جي گهر واري آهي. 16 ڊسمبر 1951ع تي، ٽنڊي ولي محمد، حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتائين. ابتدائي تعليم ٽنڊي ولي محمد جي مسلم گرلز اسڪول ۾ ورتائين. ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پھرين ٺٽي پوءِ ڪراچيءَ ۾ ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿي. پاڻ شاگرد ليڊر رهي چڪي آهي. ’لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو تحريڪ‘ دوران جيل بہ وئي. جيل ۾ لکيل سندس تصنيف ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“ مشھور آهي. جيڪا هند ۽ سنڌ ۾ شايع ٿي شھرت ماڻي چڪي آهي. سندس نياڻي سسئي پليجو، پيپلزپارٽي ۾ آهي. پاڻ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]